راڻو چندر سنگهه

راڻو چندر سنگهه

چندر سنگهه راڻو

چندر سنگهه، راڻو: مشهور سياستدان ۽ اقليتي اڳواڻ راڻو چندر سنگهه، 1931ع ڌاري عمرڪوٽ کان 16 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي مشهور ڳوٺ راڻا جاگير ۾ راجپوتن جي چووهين راڻي ارجڻ سنگهه جي گهر ۾ پيدا ٿيو. راڻو ارجڻ سنگهه، مسلم ليگ جو سرگرم اڳواڻ ۽ قيام پاڪستان تحريڪ ۾ تڏهوڪي ٿرپارڪر جي 75 سيڪڙو آباديءَ جي حمايت سان اڳڀرو رهيو. راڻي چندرسنگهه پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم لاءِ ’دهرادون‘ (ڀارت) ويو، جتان سر شاهنواز ڀُٽي ۽ پيلو موديءَ کان سواءِ ٻين مشهور ماڻهن به اعليٰ تعليم پرائي هئي. راڻو چندر سنگهه اڃا 16 سالن جو مس هو ته سندس والد راڻي ارجڻ سنگهه وفات ڪئي. ان ڪري راڻو چندرسنگهه ننڍيءَ عمر ۾ ئي 1946ع ڌاري راڻن جي گاديءَ تي ويٺو. راڻو چندرسنگهه ڍاٽ جي راجپوتن جون پنجويهون راڻو هو. هن شڪار، گھوڙي سواريءَ، نشاني بازيءَ ۽ ملهه راند جي سکيا ننڍپڻ ۾ ئي ورتي هئي. سندس شادي ’راوتسر‘ جي شاهوڪار گهراڻي جي ڇوڪريءَ سان ٿي.
راڻو چندر سنگهه، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو پراڻو ساٿي هو. هن پوري سياسي ڄمار ۾ ڪڏهن به ڪا اليڪشن نه هارائي. 1953ع ۾ پاڪستان جي پهرين چونڊ وقت راڻي چندرسنگهه جي عمر گھربل حد کان فقط ڇهه مهينا گھٽ هئي. تنهنڪري هن پنهنجي رشتيدار سوائي سنگهه کي چونڊ ۾ ڪامياب ڪرايو. 1956ع ۾ هيءُ صوبائي اسيمبليءَ جو رڪن چونڊيو ويو. هيءُ پهريون غير مسلم سياستدان هو، جنهن کي وزارت ملي ۽ کيس اريگيشن کاتي جو قلمدان ڏنو ويو. ڀُٽي صاحب جي سياسي خيالن کان متاثر ٿي، راڻي چندر سنگهه پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ سيد مظفر حسين شاهه جي والد سيد غلام حيدر شاهه جي مقابلي ۾ ڪاميابي ماڻيائين. ونيونٽ ٽُٽڻ کانپوءِ ٿيل 1970ع وارين عام چونڊن ۾ هيءُ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. 1971ع جي پاڪ- ڀارت جنگ دوران هتي جا راجپوت اڪثريت ۾ هندستان لڏي ويا. جنگ جي خاتمي کانپوءِ انهن کي واپس آڻڻ لاءِ ذوالفقار علي ڀُٽي، راڻا چندرسنگهه جي اڳواڻيءَ ۾ چونڊيل نمائندن جو هڪ وفد هندستان موڪليو، جنهن ۾ راڻي چندرسنگهه جا ٽي دوست غلام رسول شاهه جيلاني، مير علي بخش خان ٽالپر ۽ خانصاحب عبدالڪريم پلي شامل هئا. ان کان سواءِ به راڻو چندرسنگهه هر وقت ٻنهي ملڪن ۾ ڀائيچاري قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجون سموريون واسطيداريون استعمال ڪندو رهيو. پاڪستاني سياست جي وڏن نالن ذوالفقار علي ڀُٽي، پير صاحب پاڳاري، شهيد بينظير ڀٽو، نوازشريف، غلام مصطفيٰ خان جتوئي، حاڪم علي خان زرداري، پير غلام رسول جيلاني، مير علي بخش ٽالپر ۽ ٻين سان سندس دوستاڻي سياسي وابستگي رهي.
راڻي چندرسنگهه جي سَس، لڪشمي ديوي به هندستان جي پارليامينٽ جي ميمبر رهي چڪي آهي ۽ سندس سنڍو وي. پي. سنگهه، هندستان جو وزيراعظم به رهي چڪو آهي. راڻي چندرسنگهه بابت مشهور آهي ته هن ڪڏهن به چونڊ نه هارائي. هن 1985ع وارين چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو هو، جڏهن ته 1988ع واري چونڊ ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. هو زراعت ۽ روينيو کاتي جو وفاقي وزير ۽ ’اقليتن واري قومي ڪميشن‘ جو چيئرمئن به رهيو.
1988ع وارين عام چونڊن دوران عمرڪوٽ جي لانٻي تلاءُ واري ميدان ۾ شاندار جلسي ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي موجودگيءَ ۾ هن يادگار تقرير ڪئي هئي. هن لاءِ مشهور آهي ته هُو ڪڏهن به ووٽ گهرندو ڪونه هو، پر هر اليڪشن ۾ اڪثريت سان کٽيندو هو. چونڊ جلسن دوران سندس ڪيل سڀ تقريرون رڪارڊ تي موجود آهن. راڻو چندرسنگهه، پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تان لڳاتار ست ڀيرا چونڊون کٽيون ۽ ايم. اين. اي بڻيو. سندس سياسي مدمقابل کٽو مل جيوڻ هوندو هو. 1990ع ۾ پيپلز پارٽيءَ سان ڪي اختلاف ٿي پيس، سندس پٽ هميرسنگهه جي خلاف داخل ڪيس به ان اختلاف جو سبب هو، پوءِ هن ’پاڪستان هندو پارٽي‘ نالي هڪ نئين پارٽي ٺاهي. هڪ اقليتي هندو هئڻ جي باوجود هن 53 سالن جي سياسي ڪيريئر ۾ مسلسل ڪاميابيون حاصل ڪيون. راڻي چندرسنگهه جي اولاد ۾ ڪنور همير سنگهه، ڀوپال سنگهه، ڊاڪٽر پريتپال سنگهه، نياڻي سنگيتا آهن.
پاڪستان جي هن بيباڪ سياستدان، پهرين آگسٽ 2009ع ۾ 78 سالن جي ڄمار ۾پرلوڪ پڌاريو. سندس وفات کان پوءِ راڻن جي گاديءَ تي سندس موڀي پُٽ ڪنور هميرسنگهه کي ڍاٽ جي راجپوتن جو ڇويهون راڻو مقرر ڪري پڳ ٻڌائي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2009.08.01  عيسوي

هن بيباڪ سياستدان، پهرين آگسٽ 2009ع ۾ 78 سالن جي ڄمار ۾پرلوڪ پڌاريو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسلم فرخي ڊاڪٽر
خفيف III
حڪيم محمد صادق راڻيپوري
سائين ولايترام
ابراهيم شاهه وڄڙي
در محمد گائنچو
نيڪ محمد سومرو
بهو بيگم عرف صاحب دولت
ڊيوڊورس سائڪيولس
چانڊيو سريمڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون